سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اوائلي ۽ ابتدائي شعبن مان هڪ آهي، جنهن جو بنياد نامور عالم علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب جي وائيس چانسلر شپ واري دور ۾ 1952ع ڌاري پيو. ابتدا ۾ هي شعبو ايلسا قاضي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ قائم هيو، جنهن کي 1971ع ڌاري علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄام شوري منتقل ڪيو ويو. نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شعبي جو پهريون انچارج چيئرمئن مقرر ٿيو. ان بعد هن وقت تائين شعبي ۾21 چيئرپرسن مقرر ٿي چڪا آهن.

تعليمي حوالي سان شعبي ۾ چئن سالن وارو بي ايس پروگرام، ايم.اي، ايم.فل ۽ پي ايڇ ڊي جا پروگرام هلندڙ آهن. تعليم سان گڏ تحقيق جي ڏس ۾ پڻ سنڌي شعبي سنڌ يونيورستيءَ جو بيحد معياري، مثالي ۽ شاندار سفر جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن وقت تائين شعبي مان 100 جي لڳ ڀڳ پي ايڇ ڊي ۽ اٽڪل ايترا ئي ايم.فل جا اسڪالر پنهنجون ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن. بي شمار اسڪالر هن وقت به مختلف علمي موضوعن تي تحقيق ۾ مشغول آهن. شعبي ۾ موجود سمورا استاد پي ايڇ ڊي ۽ نامور محقق، اسڪالر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف آهن. شعبي پاران عالمي ڪانفرنس، شاعريءَ جو ميلو، سيمينار، ورڪشاپ، ريفرنس ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هي شعبو مستقل طور علمي ادبي سرگرمين جي حوالي سان متحرڪ رهندو اچي ٿو. شعبي ۾ قائم “شاهه لطيف سيل” پاران لطيفيات ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي موضوع تي ڪيترا ئي ليڪچر ۽ مباحثا منعقد ٿيندا رهيا آهن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيل آهن. جڏهن ته شعبي جي ابتدا کان وٺي مختلف دورن ۾ ادبي مخزن جهڙوڪ سوغات، سوکڙي، پورب ۽ تحقيقي جرنل ڪينجهر شايد ٿيندا پئي ٿيا آهن. شعبي جي استادن پاران شاگردن جي ذهني ۽ ادبي تربيت لاءِ 80ع واري ڏهاڪي ۾ ‘لاٽ ادبي فورم’ جي نالي سان فورم جوڙيو ويو هيو، جنهن سالن تائين نون اديبن ۽ شاگردن جي تربيت ڪئي. هن وقت اسٽڊي سرڪل جي نالي سان شاگردن جي ذهني آبياري لاءِ هڪ فورم قائم آهي، جنهن پاران “ادبي منظر” جي نالي سان هڪ ادبي مئگزين پڻ شايع ڪيو وڃي ٿو.

سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي چيئرپرسنس جي فهرست

1. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1952 53
2. پروفيسر محبوب علي چنا 16.3.1953 30.7.54
3. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1954 1959
4. پروفيسر علي نواز جتوئي 6.6.1959 30.3.1963
5. ڊاڪٽر غلام علي الانا 1963 1964
6. پروفيسر علي نواز جتوئي 1964 1969
7. ڊاڪٽرغلام علي الانا 1969 1973
8. ِڊاڪٽر حبيب الله مرزا 1973 1976
9. ڊاڪٽر غلام علي الانا 7.12.1976 12.8.82
10 ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ (ايڪٽنگ چارج) 1982
11 ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 2.8.1982 24.5.1993
12 ڊاڪٽر قاضي خادم 25.5.1993 6.5.1999
13 ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو 6.5.1999 1.08.2001
14 ڊاڪٽر هدايت ‘پريم’ آخوند 15.9.1999 23.6.2005
15 ڊاڪٽر نور افروز خواجه 23.6.2005 2.8.2005
16 ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو 3.8.2005 28.11.2005
17 ڊاڪٽر نور افروز خواجه 28.11.2005 7.09.2011
18 ڊاڪٽر قمر جهان مرزا 7.09.2011 13.08.2012
19 ڊاڪٽر نور افروز خواجه 13.8.2012 12.04.2013
20 ڊاڪٽر محمد انور ‘فگار’? هَڪڙو 12.04.2013 26.08.2019
21 ڊاڪٽر اسحاق سميجو 26.08.2019